ڀؤنرن جي انتظار ۾

ڀؤنرن جي انتظار ۾

ڀؤنرن جي انتظار ۾

ڀؤنرن جي انتظار ۾ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار ليکڪ منظور ڪوهيار جي مختصر ڪهاڻين تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ 128 ڪهاڻيون آهن، جيڪي سڀ احساساتي ڪهاڻيون آهن. منظور ڪوهيار جون ڪهاڻيون ننڍن ننڍن واقعن جي ڄڻ ته ڊرامائي تشڪيل آهن. مختصر ڪهاڻيءَ جي صنف کي منظور ڪوهيار بهتر نموني سنڌي ادب ۾ متعارف ڪرايو آهي. هي هن جو ٻيو ڪتاب آهي، جنهن ۾ هن قسم جون ڪهاڻيون شامل آهن. ڪهاڻين ۾ سدا بهار، ٻلي جو خواب، محنت جي عظمت، خراب قسمت، سياسي ٻار، مارئي ملير جي، سچا ماڻهو ۽ ٽين اک وغيره شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ليکڪ خود لکيو آهي. ڪتاب ٻن ناليوارن ڪهاڻيڪارن شوڪت ڪيهر ۽ ملڪ آگاڻيءَ جي نانءِ ٿيل آهي. 128 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي. جنهن کي ڪنول پبليڪيشن قنبر 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو